تماچيءَ جي ماڙي

تماچيءَ جي ماڙي: سما دور جا اوڻيهه حڪمران ٿي گذريا آهن، جن هڪ سؤ ستر سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. انهن ۾ ڄام تماچي ٻيو رڪن الدين جي لقب سان وقت جو حڪمران هو. ان شيل ۽ شڪار لاءِ هڪ ماڙي ٺهرائي هئي. جنهن جو زمانو 1370ع چيو وڃي ٿو. اها ماڙي اصل ۾ ڳوٺ سونهريءَ جي ڀرسان هئي، جيڪو ڳوٺ هن وقت پاڻي هيٺ آهي. اهو ڄام تماچي جنهن بعد ۾ نوريءَ سان نڪاح ڪيو هو، سو سنڌ جي لوڪ داستان ”نوري ڄام تماچي“ جي نالي سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو